رائيداري ڦلڙي

رائيداري ڦلڙي

رائيداري ڦلڙي

رائيداري ڦلڙي

رائيداري ڦلڙي

رائيداري ڦلڙي: عورتن جي روَن جي زيبائش سان ٺهيل ڦلڙيءَ کي رائيداري ڦلڙي چئبو آهي. هيءَ ڦلڙي ڏسڻ ۾ هوبهو ننڍي ڦل يا گل جهڙي هوندي آهي، هيءَ ڦلڙي ننڍي به ٿيندي آهي ته وڏي به ٺاهي ويندي آهي، پر ٺاهڻ جو طريقو ساڳيو آهي. رائيداري ڦلڙي سماٽ ذاتين جون عورتون پائينديون آهن. سماٽ ذاتين ۾ عورتون مڙس مري وڃڻ کانپوءِ ڦلڙي ڪونه پائين. سماٽن جي ڪنهن به عورت جي نڪ ۾ ڦلڙي نه هجي ته سمجهجي ته اها ڦلانتي آهي، ڦلانتي معنيٰ: ’جنهن جو وَرُ هن دنيا ۾ نه رهيو هجي.‘ رائيداري ڦلڙي عورتون نڪ جي کاٻي پاسي پائينديون آهن.


لفظ رائيداري ڦلڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو